جيون گرساهاڻي

جيون گرساهاڻي

جيون گرساهاڻي

جيون گرساهاڻي: جيون گرساهاڻيءَ جو اصل نالو جيون گوبند رام گرساهاڻي آهي سندس جنم 13 آڪٽوبر 1928ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو. جيون گرساهاڻي ورهاڱي وقت سنڌ مان لڏي ڀارت وڃي انوپ نگر، اندور ۾ آباد ٿيو. سندس سڃاڻپ ڊرامه نگار واري آهي. هُن پنهنجو پهريون سنڌي اسٽيج ڊرامو دهليءَ ۾ 1950ع ڌاري ڪيو، جيون گرساهاڻي سرگرم ڪارڪن طور ڪيترين ئي سنڌي سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن سان سلهاڙيل رهيو جن ۾ آکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا اهم آهي.
ورهاڱي کانپوءِ سنڌي اسٽيج جي پيڙهه جو پٿر رکڻ وارو هي شخص تمام جاکوڙي هو ۽ ڏکڻ هندستان ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامي لاءِ تمام گهڻو پتوڙيائين. هن 1961ع ۾ ’سنڌو ڪلا سنگم‘ جو بنياد وڌو، جنهن جي پليٽفارم تان هُن 14 سنڌي ڊراما پيش ڪيا، جڏهن ته سندس ٻيا 76 ڊراما پيش ڪيا ويا، جن ۾ 33 ڊراما (One Act Play) ايڪانيڪي ناٽڪ هئا. ’مهمان ۽ نيلم‘ (1961ع)، ’ڪاڪو بهيلاڻيءَ وارو‘ (1962ع)، ’ميـرج بيورو‘ (1963ع)، ’فيش ايبل‘ (1970ع)، ’اُلـجهـن‘ (1962ع)، ’دودو چنيسر‘ (1973ع) ۽ ’جلوس‘ (1980ع) ۾ پيش ڪيو ويو، ’جلوس‘ ناٽڪ، بادل سرڪار جو هو، جيڪو لڇمڻ ڪومل ترجمو ڪيو هو. ان کانپوءِ 1989ع ۾ جيون گرسهاڻيءَ هڪ وڊيو فلم ٺاهي، جنهن جو نالو ’اوکا پنڌ پيار جا‘ هو، هي وڊيو فلم 1989ع ۾ ئي ’دور درشن ٽيليويزن نيٽ ورڪ‘ ممبئي، دهلي ۽ ڪلڪتي مان نشر ڪئي وئي.


لفظ جيون گرساهاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1928.10.13  عيسوي

جيون گرساهاڻيءَ جو اصل نالو جيون گوبند رام گرساهاڻي آهي سندس جنم 13 آڪٽوبر 1928ع تي ڪراچيءَ ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

علامه رشيد ترابي
پرهياڙ مير محمد
آسن داس
مائي ڄامان
سلطان محمد مهردار
ڀاوناڻي موهن ديارام
رونجهو اميربخش
شهاب الدين جيلاني قادري
چندر گپت موريا
انور ڪليم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون